ڪراچي (رپورٽ:ماريا اسماعيل) ڊسٽرڪٽ سينٽرل جي ايڊيشنل اينڊ سيشن ۽ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالحفيظ لاشاري سنڌ سميت پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين سميت ٻين پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو حڪم جاري ڇڏيو.
پوليس عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن وٽ پاڪستان ۾ رهڻ لاءِ نه ڪو اجازت نامو آهي نه وري ڪي سفري دستاويز آهن.
عدالت گرفتار سمورن پرڏيهي شهرين کي جيل موڪلي کين ملڪ بدر ڪرڻ جو حڪم ڏنو.پرڏيهي شهرين ۾ خان بهادر، سيد رحمان، غوث الدين، طاهر ۽ حميد الله سميت ٻيا شامل آهن، جن مٿان مختلف ٿاڻن تي سرڪار جي مدعيت ۾ڪيس داخل آهن.