زرداري مون کي مارائڻ لاءِ دهشتگرد تنظيم کي پئسو ڏنو، ايجنسي عملدار به مددگارآهن :عمران خان

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان الزام هنيو آهي ته آصف زرداري مون کي قتل ڪرائڻ لاءِ هڪ دهشتگرد تنظيم تي پئسو لڳايو آهي، جنهن ۾ ايجنسي جا ماڻهو سهولتڪار آهن. لاهور ۾ وڊيو لنڪ ذريعي پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو مون کي قتل جي سازش جي خبر پئي ته مان وڊيو ٺاهي موڪلرائي، وڊيو ۾ ٻڌايو ته اهي چار ماڻهو آهن، جيڪي سازش ۾ شريڪ آهن، وڊيو بابت جلسي ۾ ٻڌايو، تنهن ڪري اهي پوئتي هٽي ويا. هن چيو ته پلان بي ۾ توهين مذهب جو الزام هڻي مون تي حملو ڪرڻو هو، منهنجي خلاف مڪمل سازش هئي، توهين مذهب جي مهم هلائي وئي، اهي پنهنجي پلان ۾ تقريبن ڪامياب ٿي ويا هئا پر زندگي ۽ موت ڏيڻ وارو الله آهي. اڳوڻي وزيراعظم الزام هنيو ته هاڻ انهن پلان سي ٺاهيو آهي ۽ ان جي پويان آصف زرداري آهي. آصف زرداري وٽ ڪرپشن جو وڏو پئسو آهي، سنڌ حڪومت جو لٽيل پئسو هو چونڊن تي لڳائيندو آهي ۽ ايم پي اي خريد ڪندو آهي، آصف زرداري هڪ دهشتگرد تنظيم کي پئسو ڏنو آهي، قوم کي ٻڌائي رهيو آهيان ته مان جيڪي نالا ڏنا آهن، آصف زرداري کانسواءِ اهي نالا به اچڻا آهن، مون کي ڪجهه به ٿيو ته سڄي قوم کي خبر هجڻ گهرجي اهو ڪنهن ڪرايو، انهن جي ڪوشش مون کي رستي تان هٽائڻ آهي، تحريڪ انصاف کي هارائڻ آهي. سندس چوڻ هو ته رجيم چينج آپريشن ڪندڙ غلطي کي درست ڪرڻ بدران ويتر ملڪ کي ڦاسائيندا پيا وڃن، غلطي درست ڪرڻ جو طريقو رڳو نيون چونڊون هيو پر تحريڪ انصاف جي ڪاميابي جي خوف کان چونڊون نه ڪرايون ويون، عوام انهن کي ڪڏهن به ووٽ نه ڏئي، جن جو پئسو ۽ ملڪيتون ٻاهر آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.