حيدرآباد مان 4 مهينا اڳ گم ٿي ويل نوجوان ڇوڪريء جي ڀارت ۾ گرفتار

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ 4 مهينا اڳ گم ٿي ويل نوجوان ڇوڪريء جي ڀارت جي شهر بينگلورو ۾ پوليس هٿان گرفتار ٿي وئي. وارث گرفتاري جي خبر هلڻ بعد پريشان ٿي ويا, سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت جي ادارن وارثن سان رابطو نه ڪيو. ڀارت جي بينگلورو پوليس هٿان غيرقانوني رهائش اختيار ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل حيدرآباد واسي ناري اقرا جيواڻي جي وارثن کيس ڏيهه آڻڻ لاءِ پاڪستاني هاءِ ڪميشن سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حيدرآباد جي شاهي بازار واري علائقي ۾ رهندڙ اقرا جي والد سهيل جيواڻي جو چوڻ آهي ته 23 جنوري تي سندس نياڻي جي گرفتاري بابت ڀارتي ميڊيا ذريعي ڄاڻ ملي آهي, پر اڃا تائين گهرو کاتي توڙي عورتن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ قائم ادارن جي عملدارن پاران ساڻس ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو. هن چيو ته سندس نياڻي نابالغ آهي. هوء 4 مهينا اڳ حيدرآباد مان اغوا ٿي. جنهن بابت هن سٽي ٿاڻي تي 19 سيپٽمبر 2022ع تي ڪيس به داخل ڪرايو هو. کيس خبر نه آهي ته هو نيپال يا ڀارت ڪيئن پهتي آهي. اقرا جيواڻي جي اغوا واري واقعي بعد سندس بازيابي لاءِ پٽيشن داخل ڪندڙ وڪيل پرڪاش جهمٽ مل دعويٰ ڪئي آهي ته اقرا جي پرڏيهه وڃڻ جي تصديق بعد هنن ايف آئي اي سان به رابطو ڪيو هو, پر تنهن باوجود اقرا جي ڳولا نه ڪئي وئي. سٽي پوليس به واقعي کي رڳو ڪيس داخل ڪرڻ تائين محدود ڪيو پر هاڻي هو اقرا جي واپسي لاءِ لاڳاپيل فورمن سان رجوع ڪندا. هوڏانهن سٽي ٿاڻي تي داخل اقرا جي اغوا وارو ڪيس به پوليس ڪجهه عرصو اڳ اي ڪلاس ڪري عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي هئي. سٽي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪري اقرا جي اغوا واري معاملي جي جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته هوء پرڏيهه رواني ٿي وئي آهي, جنهن بعد هنن اهڙي رپورٽ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري ڪيس کي اي ڪلاس ڪيو هو. پوليس موجب هاڻي جڏهن اقرا کين هٿ آئي ته هو رپورٽ عدالت کي فراهم ڪري رڳو کيس بيان لاءِ ئي جج سامهون پيش ڪندا. ٻئي طرف ڇوڪري اقرا جي بينگلور پوليس هٿان گرفتاري ۽ نوجوان سان شادي وارو معاملو سامهون اچڻ بعد وارث مدد جا منتظر آهن پر اڃا تائين ساڻن ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.