ٽنڊوالهيار (رپورٽ:حسرت لغاري) ٽنڊو الهيار ۾عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن سنڌ جون زمينون. سامونڊي پٽي. تيل. ڪوئلو گئس ۽ ٻين معدني وسيلن جو اختيار وفاق حوالي ڪري ون يونٽ مسلط ڪرڻ ۽ خورشيد شاهه جي قيادت ۾ جوڙيل نون صوبن لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ، بدنيتي تي ٻڌل ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي ڌارين کي سنڌ جو شهري بڻائڻ. ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪرڻ، پ پ ايم اين پاران ڊوميسائيل پاليسي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ بل آڻڻ ۽ سنڌ ۾ ڪشميرين لاءِ خاص وزارت قائم ڪرڻ خلاف ۽ سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ چمبڙ روڊ ابراهيم ڪالوني کان پريس ڪلب تائين شارٽ مارچ ڪيو ويو.ان موقعي تي اسماعيل خاصخيلي، عبدالرحمان سمون، عبدالله مڱڻهار، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سورٺ مڱڻهار، صديق اوٺو، فيروز سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي معدني وسيلن جو اختيار وفاق کي ڏئي سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي. جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. هنن چيو ته سنڌ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي غريب عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي.هنن چيو ته اٽي جو اگهھ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي. سنڌ جا ماڻهو بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته خورشيد شاهه جي قيادت ۾ سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل آدمشماري ڪرڻ نه ڏينداسين، هي پلاننگ تحت ڌارين کي آباد ڪرڻ چاهين ٿا. هنن چيو ته اسيمبلي ۾ ڊوميسائل جي پاليسي ۾ تبديلي واري ڳالهھ کي ڪنهن به صورت ۾ منظور نه ٿيڻ ڏينداسين ۽ سنڌ ۾ ڪشميرين کي وزارت به نه ڏينداسين. جڏهن ته سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين کي نيڪالي ڏئي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.