اسلام ڪوٽ (ت ر) ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو آهي ته آءِ ايم ايف جا شرط مڃي حڪمران عوام تي وڌيڪ مھانگائي جو بار وجھي پنھنجي عياشين کي جاري رکڻ لاءِ قرض جي قسط جاري ڪرائي آھي،هنن ڊالر جو ملهھ وڌائي پئٽرول،ڊيزل،گئس ۽ بجلي کي مھانگو ڪرڻ جو سبب بڻائي ڇڏيو آھي. اسلام ڪوٽ پريس ڪلب ۾صحافين سان ڳالھائيندي ھن چيو ته پاڪستان ۾ ڊگھي عرصي کان مافيائن سان ملي حڪمران عوام کي لٽيندا پيا اچن، اھو ئي سبب آھي جو ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آھي ۽ عوام ڪنگال ٿي ويو آھي.هن چيو ته پاڪستان زرعي ملڪ آھي ۽ ھتي ھر قسم جو فصل ٿئي ٿو پر ڪڏھن کنڊ بليڪ تي ته ڪڏھن اٽو بليڪ تي وڪرو ٿ رهيو آهي، انھن شين جي اسمگلنگ حڪومتي ادارن جي معرفت ٿئي ٿي، ھر شعبي ۽ سرڪاري اداري ۾ رشوت ۽ عوامي خزاني کي لٽڻ عام آھي، ان ڪري سرڪاري خزانو خالي ٿي ويو آھي نه ان خزاني مان عوام کي ڪجهھ مليو آھي نه نئين نوڪرين جو ڪو انتظام ڪيو پيو وڃي، ان ڪري بيروزگاري عام آھي، تعليم يافته نوجوان ملڪ مان مايوس ٿي ٻين ملڪن ۾ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي رھيا آھن، صرف 2022 ۾ 8 لک کان وڌيڪ نوجوان ملڪ ڇڏي ويا آھن.امداد قاضي وڌيڪ چيو ته عوام کي انھن زيادتين خلاف رستن روڊن تي اچڻ گھرجي، آءِ ايم ايف پاڪستان جي حڪمران طبقن ۽ ادارن سان ملي عوام جو خون چوسي رھي آھي، اھا حڪمرانن جي خرچن گھٽائڻ جو شرط ڪڏھن به نه ٿي رکي،ورتل سمورو قرض ته حڪمرانن تي خرچ ٿئي ٿو پر ٽيڪسن جي صورت ۾ اھو وياج سميت عوام ڀري رهيو آهي ڪميونسٽ پارٽي آءِ ايم ايف سان ڪيل عوام دشمن معاھدن کي رد ڪري ٿي ۽ گھر ڪري ٿي ته صدر وزير اعظم گورنر وزيرن سرڪاري عملدارن کي مفت ۾ ملندڙ پئٽرول، بجلي، گئس ۽ ٻيون مالي مراعتون بند ڪيون وڃن، ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جو اھو ئي ذريعو آھي.اسن موقعي تي سنڌ ھاري ڪاميٽي جو مرڪزي صدر پروفيسر مير منوربه موجود هو.