خانپور مهر ۾ حد تڪرار تان کدڙا فقيرن ۾ جهيڙو مامرو، ڪيس داخل

خانپورمهر (رپورٽر ) 2 ڏينهن اڳ خانپورمهر ۾ گهوٽڪي ۽ خانپورمهر جي کدڙن فقيرن ۾ ٿيل جهيڙي ۽ مارڪٽ جو ڪيس خانپورمهر ٿاڻي تي گھوٽڪي واسي کدڙي فقير روبينه فقير چانڊيو جي فرياد خانپورمهر واسي 7 کدڙن فقيرن نشا، ڪرن، شڪيل، زاهده ،سلمہ ،منصور ،۽ ثنا خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس جي فريادي روبي فقير ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ٻه ڏينهن اڳ اسين پنهنجي ساٿين سميت خانپورمهر پنهنجي راڄ مان (موخو) خيرات وٺڻ لاءِ وياسين ته ڄاڻايل جوابدارن اسان تي حملو ڪري تشدد ڪيو ۽ اسان کان سونا زيور، ڍولڪ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا واضع رهي ته ٻه  ڏينهن اڳ خانپورمهر ۾ گهوٽڪي ۽ خانپورمهر جي کدڙن فقيرن ۾ خيرات وٺڻ تان جهيڙو ٿيو هو ۽ فقيرن هڪ ٻئي مٿان ٿشدد پڻ ڪيو هو هوڏانهن ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.