ڪراچي ۾ ڪارروائي، 2 ٽارگيٽ ڪلر گرفتار، بارودي مواد هٿ

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي اسپارڪو روڊ مواڇ ڳوٺ ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل آپريشن ڪري لياري گينگ وار جا 2 جوابدارنويد عرف ڪپي عرف ڇٽو ۽ نوروز عرف نمو کي گرفتار ڪري ورتو.رينجرز ترجمان موجب جوابدار نويد عرف ڪپي ٽارگيٽ ڪلنگ جي 50 کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث آهي،جوابدار قتل، ارادي قتل ۽ ڀتي خوري ۾ ملوث آهن.جوابدار اغوا، ڀتي خوري ۽ پوليس مقابلن ۾ به ملوث آهن.جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو ، جوابدار نويد ڪپي 2005ع ۾ لياري گينگ وار جي ڪمانڊر ساجد  گوليمار جي گروپ ۾ شامل ٿيو.جوابدار نوروز عرف نامو کي 2019 ۾ لياري گينگ وار ۾ سندس ڀيڻيويي نويد عرف ڪپي جي چوڻ تي لياري گينگ وار ۾ شامل ٿيو گرفتار جوابدار نويد عرف ڪپي سياسي پارٽي جي ڪارڪنن کي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندو هو.هو پنهنجي مخالف گروپ جي 50 کان وڌيڪ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هوجوابدار 2014ع ۾ ڪراچي آپريشن ۾ گرفتار ٿيڻ جي خوف کان سنڌ مختلف علائقن ۽ ايران ۾ روپوش ٿي ويو هو جوابدار 2021 ۾ پراڻي گوليمار ۾ پنهنجو الڳ گروپ منظم ڪيو، جوابدار نويد عرف ڪپي خلاف قتل جي ڪوشش ۽ پوليس مقابلن جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن.جاچ دوران جوابدار اغوا، ڀتا خوري، ڦر، موٽرسائيڪل چوري جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي.جوابدارن 2011 ۽ 2012 ۾ ڪراچي جي سو لجر بازار ۽ ڪلفٽن مان 3 واپارين کي اغوا ڪيو. جوابدارن 20 لک رپيا ڀنگ پڻ وصول ڪيو.  18 جنوري تي جوابدارن پراڻي گوليمار واري علائقي ۾ قبضي خاطر هوائي فائرنگ ڪري خوف پکيڙي ڇڏيو..واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.جوابدار تنگ گهٽين جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا..گرفتار جوابدارن کي هٿيار ۽ بارود سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.