لاڙڪاڻي جو وڌيڪ هڪ مغوي ڀنگ ڀري بازياب

غوث پور (رپورٽ:عبدالجبار اوڳاھي)لاڙڪاڻي جو وڌيڪ هڪ مغوي ڀنگ ڀري ڳڙهي تيغو جي ڪچي مان بازياب ٿي گهر پهچي ويو جڏهن ته ڪرمپور پوليس مغوي کي مقابلي دوران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.ان سلسلي ۾ ڪرمپور ٿاڻي جي  ايس ايڇ او وزير سمون دعويٰ ڪئي ته مغوي ظفر گولو جي بازيابي لاءِ ڪچي جي علائقي ڳڙهي تيغو ۾سرچ آپريشن دوران لاڙڪاڻو واسي مغوي احمد علي ڪلهوڙو کي بازياب ڪرايو ويو.ٻڌايو وڃي ٿو ته لاڙڪاڻي جي ڳوٺ شاھ حسن جو رهواسي احمد علي ڪلهوڙو کي 2 مهينا اڳ عورتاڻي آواز تي هرکائي گهوٽڪي گهرائڻ بعد ڌاڙيلن اغوا ڪيو هو، مغوي جي وارثن کان ڌاڙيلن 50 لک رپيا ڀنگ پڻ گهريو هو.ذريعن موجب نوجوان احمد علي ڪلهوڙو جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن ۽ ڀنگ عيوض عمل ۾ آئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.