فيل ٿيل شاگرد پئسن عيوض پاس،همدرد يونيورسٽي به ڏوڪڙ ڪمائڻ ۾اڳتي اچي وئي !

ڪراچي(رپورٽ:محمد علي نقرچ) ڪراچي همدرد يونيورسٽي به  پئسا ڪمائڻ ۾ اڳتي اچي وئي، فيل شاگردن کي پئسن عيوض پاس ڪري داخلائون ڏئي ڇڏيون رڳو داخلائون نه پر اميدوارن کي پڪو گراهڪ ٺاهيندي ڊگريون ڏيڻ تائين اي ٽي ايم مشينون بڻائي پئسا لٽڻ جو انڪشاف، هوشيار شاگرد رکي ويا، معاملو اينٽي ڪرپشن ۾ پهچڻ بعد انڪوائري شروع وئي،عوامي آواز کي  ذريعن ٻڌاو ته ڪراچي جي همدرد يونيورسٽي انتظاميا انٽري ٽيسٽ ۾ فيل ٿيل 14 شاگردن کي پئسن عيوض پاس  ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هوشيار شاگرد جيڪي ٽيسٽ پاس به ڪري چڪا هئا انهن کي ميرٽ تي پورو  نه لهڻ جو سبب ڄاڻائي داخلا نه ڏني وئي، ڄاڻايل اميدوارن کان سال 2016-2017 جي انٽري ٽيسٽ  ورتي وئي هئي، داخلا نه ملڻ تي هڪ شهري يونيورسٽي اختيارين کي درخواست ڏني پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو، جنهن بعد شهري خالد رياض اينٽي ڪرپشن کي درخواست ڏني،  نوٽيس نڪرڻ تي ڀانڊو ڦاٽي پيو آهي،  درخواستگذار دعويٰ ڪئي آهي ته فيل ٿيل  اميدوارن کي پئسن عيوض داخلائون ڏئي اهل اميدوارن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، اهو عمل بنيادي حقن جي خلاف آهي، ان جو  نوٽيس ورتو وڃي، شهري جي درخواست تي همدرد يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ احتشام، ايڊميشن آفيسر امجد علي ڪمبوه، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف اي ايس ٽي ولي الدين ۽ رجسٽرار پرويز  ميمڻ کي  اينٽي ڪرپشن نوٽيس جاري ڪندي 2016 کان 2021 جو داخلائن ۽ ڊگرين جو رڪارڊ گهرايو ويو آهي.  همدرد يونيورسٽي جي اڳوڻي رجسٽرار پرويز ميمڻ  جو چوڻ آهي ته هو يونيورسٽي جي ملازمت ڇڏي چڪو آهي، ان ڪري ذميوارن کان ان معاملي تي موقف ورتو وڃي.  جڏهن عوامي آواز  وائيس چانسلر همدرد يونيورسٽي شبيب حسن ۽ ڊين عامر سليم سان رابطو ڪرڻ تي ساڻن رابطو نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.