حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ آبادگار بورڊ ايندڙ مند ۾ ڪپهھ جو گھٽ ۾ گھٽ اگهھ 9 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، زراعت کاتي پڻ سنڌ آبادگار بورڊ جي موقف جي تائيد ڪئي آهي. نيشنل فوڊ سڪيورٽي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ٽو جي صدارت ۾ ايگريڪلچر پاليسي انسٽيٽيوٽ جي ڪپهھ جي اگهھ بابت ڪميٽي جي سالياني گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ چئني صوبن جي ڪاٽن ڪمشنرز، صوبائي زراعت کاتي جي عملدارن ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جي نائب صدر نديم شاھ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ھلندڙ سال ڪپهھ جي پوک، ان جي پيداوار، ٻج جي موجودگي ۽ خاص طور تي ڪپهه جي اگهھ جي معاملي تي غور ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ ڪپهھ جي في مڻ پيداوار جي خرچن جا ڪاٿا پيش ڪيا ويا، وفاقي حڪومت ڪپهھ جي في مڻ پيداواري خرچ جو ڪاٿو 6900 رپيا پيش ڪيو، جنھن جي سنڌ آبادگار بورڊ جي نائب صدر نديم شاھ سخت مخالفت ڪندي ان کي انتھائي گھٽ قرار ڏنو. سنڌ آبادگار بورڊ خرچ جو ڪاٿو 7500 رپيا پيش ڪيو ۽ ان ۾ مناسب منافعو شامل ڪري ڪپھه جو گھٽ ۾ گھٽ اگھه 9 ھزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي. سنڌ آبادگار بورڊ اھا پڻ سفارش ڪئي ته ڪپهھ جي پوک جي مرحلي ۾ نج ٻج توڙي ڀاڻ جي مناسب اگھه تي موجودگي سان گڏ دوائن تي پڻ نظرداريءَ جو انتظام ڪيو وڃي. سنڌ آبادگار بورڊ اھا گھر پُڻ ڪئي ته مارڪيٽ ۾ ڪپهھ جو اگھ گھٽجڻ جي صورت ۾ وفاقي حڪومت جو لاڳاپيل ادارو آبادگارن کان خريداري ڪري ان جي اگهھ کي مستحڪم رکڻ جا اپاءَ وٺي. ان موقعي تي سنڌ جي زراعت کاتي پڻ سنڌ آبادگار بورڊ جي موقف جي تائيد ڪئي