ڪراچي ( پ ر ) سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان سنڌ جي سرموڙ شاعر امداد حسيني جي ياد ۾ سيمينار ڇنڇر ڏينهن ( اڄ) محمد ابراهيم جويو آڊيٽوريم لياقت ميموريل لائبريري ڪراچي ۾ ڪوٺايو ويو آهي ، جنهن جو خاص مهمان سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت وارو وزير سيد سردا شاهه آهي ، سيمينار ۾ مقالن جي نشست ۽ محفل موسيقي جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي ، جنهن ۾ نورالهديٰ شاهه، مهتاب اڪبر راشدي ، جامي چانڊيو ، شير مهراڻي ، بيدل مسرور، ديبا سحر ۽ ٻيا شرڪت ڪري رهيا آهن.