ڪوٽڏيجي ڀرسان گهر کي باهه، 2 ٻڪريون مري ويون

ڪوٽڏيجي(ن ع آ) ڪوٽڏيجي جي يونين ڪائونسل لياري ۾ ڳوٺ فيض محمد گوندل جي رهواسي پورهيت اعجاز علي گونڌل جي ڪکاوان  گهر کي چلھه جي چڻنگ مان اوچتو باھ لڳي وئي، نتيجي ۾ گهر اندر بيٺل 2 ٻڪريون، اناج ڪپڙا هنڌ بسترا نياڻي جو ڏاج سڙي رک ٿي ويو. ، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو وقت تي نه پهچڻ ڪري گهر ۾ پيل سمورو سامان ۽ زرعي زمينن جا اوريجنل ڪاغذ پڻ سڙي ويا، اسان غريب آهيون اڳ ئي برساتن جي تباهي سبب گهر مڪمل ڊهي پٽ پيل آهي فصل به ختم ٿي ويو، سخت سردي سبب هن وقت کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهيون، متاثر ڊپٽي ڪمشنر خيرپور تڪ جي چونڊيل نمائندن سميت وس وارن کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي بينظير هائوسنگ اسڪيم مان گهر ٺهرائي مالي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.