ميرپور ٻرڙو ( ن ع آ ) ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ لياقت کوسو مان معزز لياقت علي کوسو جي گهر مان 3 ڏينهن اڳ 15 هٿياربند داخل ٿي 25 لک روڪ 7 تولا سون، 25 تولا چانڊي ۽ 5 لائيسنس وارا هٿيار سميت ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا هئا،اهڙي واقعي جا جوابدار ميرپور ٻرڙو پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي نه ئي اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي، ان سلسلي ۾ ميرپور ٻرڙو پوليس ايس ايڇ او نثار عالم ابڙو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ سومر پتافي تي چڙهائي ڪري اتان شڪ جي بنياد تي 2 چڻن عيدن بنگلاڻي. عبدالرزاق بنگلاڻي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ايس ايڇ او ميرپور ٻرڙو نثار عالم ابڙو“ عوامي آواز “ کي ٻڌايو ته ڪجهه شڪي ماڻهو گرفتار ڪيا آهن. جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي جلد واقعي ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪنداسين.