ميرپورماٿيلو (رپورٽ: نصرالله گڏاڻي ) ڏھرڪي ۾ ٻه مھينا اڳ قتل ٿي ويل ڳوٺ ميرمحمد ٽانوري جي رھواسي نوجوان خادم ٽانوري جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا. ٽانوري برادري سوين ماڻھن گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلي ۾ ايس پي گھوٽڪي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري گلاب ٽانوري، ھزارو ٽانوري ۽ غفار ٽانوري جي اڳواڻي ۾ ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو. ان موقعي ھنن دانھيندي چيو ته مھر ٽانوري تڪرار جي آڙ ۾ مھر برادري جي جوابدارن حملو ڪري گوليون ھڻي خادم ٽانوري کي قتل ۽ راشد ٽانوري کي زخمي ڪيو. جنھن جو ڪيس ڏھرڪي ٿاڻي تي پنج جوابدارن نظر محمد مھر، شريف مھر، سوڀو مھر، غلام رسول مھر ۽ خان محمد مھر مٿان داخل ھئڻ باوجود ڪو ھڪ جوابدار به پوليس گرفتار نه ڪري سگھي آھي. الٽو سندن جي 65 ماڻھن مٿان سرڪار پاران ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتاريون ڪيون پيون وڃن. جڏھن ته ايس پي گھوٽڪي جوابدار نظر مھر ۽ ٻين جوابدارن جا نالا ڪيس مان خارج ڪرڻ جي پوليس کي ھدايت ڪئي آھي. وٽس اھڙي دانھن کڻي وڃڻ تي ايس پي تنوير تنيو ڌمڪيون ڏنيون آھن ڪيس ۾ نامزد ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس چالان ڪيو، ٻئي صورت ۾ ايندڙ اڱاري تي ايس پي آفيس آڏو ٻيھر ڌرڻو ھڻڻ جو ھنن چتاءُ ڏنو.