هوسڙي ۾ڦرن ۽ چورين جوآزار وڌي ويو، پوليس اگهور ننڊ ستل

ھوسڙي(رپوٽ: روشن علي شورو) ھوسڙي ٿاڻي جي حد مان چوريون بند نه ٿيون صحافي ڀونگر خان ڏاھري جي سي,ڊي موٽر سائيڪل نامعلوم چور چوري ڪري ويا ھوسڙي ٿاڻي تي اين,سي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ٻوٽو نه ٻاريو  خبر موجب ھوسڙي ٿاڻي جي حد ٽنڊو محمد خان روڊ تان صحافي ڀونگر خان ڏاھري جي گاڏي سندس سئوٽ ننگر خان ڏاھري ڪنهن دوست جي دعوت مان  رات جو گھر طرف وڃي رھيو ھو ته اچانڪ گاڏي مان تيل ختم ٿي وڃڻ جي ڪري ھوسڙي موڙ پوليس چوڪي جي سامھون گاڏي بھاري پمپ تان تيل وٺڻ ويو جتان چور موٽرسائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا جڏھن تيل وٺي واپس آيو ته گاڏي موجود نه ھئي گھڻو ڳولا باوجود گاڏي جو ڏس پتو نه پوڻ ڪري ھوسڙي  پوسٽ انچارج دانيال قريشي وٽ نامعلوم چورن خلاف اين سي درج ڪرائي پر ڪوب لاڀ نه ملي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.