ڊجيٽل آدمشماري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي: لعل شاھه

گلشن اقبال( ن ع آ) مارچ ۾ ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي، ان آدمشماري کي  سنڌ جو عوام  هرگز قبول نه ڪندو مارچ ۾ ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪريون ٿا ۽ سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا اھڙو خيالن جو اظهار عوامي جمهوري پارٽي جي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاھ ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي ڪليم ملڪ ادي نظير قريشي ڀائو درمحمد ٻرڙو ذوالفقار راڄپر علي احمد لغاري شير چانڊيو جن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو  ھنن چيو ته ايم ڪيو ايم کي راضي ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل آدمشماري شروع ڪئي وڃي ٿي ايم ڪيو ايم ۽ پي ڊي ايم وچ ۾ ٿيل معاهدو غير قانوني آهي آدمشماري هر 10 سالن ۾ ٿيڻ گهرجي هي پنجن سالن ۾ ڪيئن پيا ڪرائن جيڪا غير قانوني ۽ غير آئيني آهي.هنن چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط ختم ڪرڻ جو مطلب ڌارين ک  زبردستي شامل ڪرڻ آهي جنهن کي اسين سنڌ خلاف هڪ گهري سازش سمجهون ٿا. غير ملڪين کي مرضي موجب قوميت لکرائڻ جو اختيار ڏيڻ سراسر زيادتي آهي، هنن چيو ته 2023ع واري اليڪشن ۾ ڪوڙيون سيٽون ٺاهڻ لاءِ وقت کان اڳ آدمشماري ڪري سنڌين کي اقليت م تبديل ڪيو ويندو. سنڌ ۾ اهڙي ڊيموگرافڪ تبديلي آئي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي صوبي اندر حڪمراني وارو حق به وڃائي ويهندا. ڊجيٽل آدمشماري دوران پرڏيهين ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڳڻپ ۾ شامل ڪرڻ جا سنڌ تي خوفناڪ اثر ظاهر ٿيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.