ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم جاري ٿيڻ کانپوءِ سختي ته ڪئي وئي آهي پر ٺڳن به نوان نوان طريقا ڳولي ورتا آهن.
هاڻي مبينا طور تي بينڪون به ان ۾ ملوث نظر اچن ٿيون، ڪراچي ۾ قائد آباد ۽ ڪالا بورڊ ۾ ايڇ بي ايل جي بينڪن ٻاهران لڳايل اي ٽي ايم تان عورتن کي اهو چئي واپس ڪيو ويو ته هتان پيسا نه ملندا، ٻي بينڪ وڃو ۽ ٻي بينڪ تي به ٽئين بينڪ وڃڻ جو چيو ويو.
بينڪن جي ڀرپاسي ايجنٽ به ويهاريا ويا آهن، جيڪي پيسن مان ڪٽوتي ڪندي سر عام اهو چئي رهيا آهن ته کين ڪٽوتي ڪيل هزار مان 800 رپيا بينڪن کي ڏيڻا هوندا آهن ۽ هزار جي ڪٽوتي تي کين 200 رپيا بچن ٿا.
انهن وٽ مبينا طور تي بينڪن جون ڊيوائيسز آهن، جن ذريعي هو حقدار عورتن جا ٿنب لڳائي پيسا ڪڍن ٿا، 7000 هزار رپين تي هڪ هزار ڪٽوتي ۽ 17000 هزار رپين تي 2 هزار رپيا ڪٽوتي پنهنجو حق چئي ورتي پئي وڃي.
ڄاڻايل بينڪن ۾ حقدارن کي رقم ڏيڻ بند ڪئي وئي آهي ۽ اي ٽي ايم ٻاهران سيڪيورٽي گارڊ مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو اي ٽي ايم مان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پيسا ڪڍرائڻ لاءِ ايندڙ عورتن کي واپس ڪري ٿو، يعنيٰ بينڪون مبينا طور تي ايجنٽن ذريعي پيسا ڏيارڻ چاهين ٿيون ۽ ايجنٽ ڪٽوتي ڪري حصو پتي ڪري رهيا آهن.
ٻئي پاسي ساهيوال ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حقدار عورتن جي رقم ڦٻائيندڙ مبينا بينڪ ايجنٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
سٽي ٿاڻي جي پوليس بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جوڳي چوڪ حبيب بينڪ ريلوي روڊ برانچ جي ايجنٽ محمد آصف کي هڪ عورت عابده پروين ۽ ٻين عورتن جي رقم ڦٻائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي.
جوابدار محمد آصف هڪ موبائيل ڪمپني جي دڪان تي حبيب بينڪ جو ايجنٽ بڻجي هزارين رپين تائين ڪٽوتي ڪري رهيو هو.
ڊي سي شازيا اڪرم ڇاپو هڻي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ پوليس شازيا اڪرم جي فرياد تي جوابدار خلاف ڪيس به داخل ڪري ورتو آهي.
حقدار عورتن مطالبو ڪيو آهي ته هاڻي بينڪ جي اي ٽي ايم تي به کين رقم نه پئي ملي ۽ ايجنٽ انهيءَ لاءِ ويهاريا ويا آهن جيئن اسان بينڪ بدران ايجنٽن کان رقم حاصل ڪريون ۽ اسان جي پيسن مان ڪٽوتي ڪئي وڃي.
هنن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيا مري ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ايجنٽ مافيا خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.