ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيا مرزا ٽينس ڪورٽ کي الوداع چئي ڇڏيو.
آسٽريلين اوپن جي مسڪڊ ڊبلز فائنل ۾ ثانيا مرزا ۽ سندس ساٿي روهن بوپنا کي برازيلن جوڙي شڪست ڏني.
ميچ جي پڄاڻي تي ثانيا مرزا مخالف جوڙي کي کٽڻ تي ڪاميابي ڏني ۽ گفتگو دوران سندس اکيون ڀرجي آيون.
"Sorry guys…” 🥹❤️
Indian doubles legend Sania Mirza was overcome with emotion as she bowed out of grand slam tennis. Congrats on an incredible career! 👏👏
🖥️ #AusOpen LIVE | https://t.co/80XjQpwd6J#9WWOS #Tennis pic.twitter.com/9LKc8bXDMF
— Wide World of Sports (@wwos) January 27, 2023
هن چيو ته منهنجو پروفيشنل ڪيريئر ميلبرن کان شروع ٿيو ۽ ڪيريئر جي پڄاڻي لاءِ ان ئي جاءِ جي چونڊ ڪيم.
سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي ڪيريئر تي والدين سميت دوستن جا ٿورا مڃان ٿي، جن مون کي سپورٽ ڪيو.