ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ناڻي مٽاسٽا ذخيرن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بئنڪ جا ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 9 سالن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويا آهن.
اسٽيٽ بئنڪ موجب ذخيرا 20 جنوري تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ مجموعي طور تي 99 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿيا.
ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 20 جنوري تائين 9.45 ارب ڊالر رهيا، اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 92 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿي 3.67 ارب ڊالر رهيا، جيڪي رڳو ٽن هفتن جي امپورٽس لاءِ ڪافي هوندا.
ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 6.76 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿي 5.77 ارب ڊالر رهيا.
ان کان اڳ فيبروي 2014 ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ موجود ڊالر جي سطح ايتري ڪِري هئي.