لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي شهر ڊربي ۾ هڪ ڇوڪري پرفيوم سنگهڻ سبب مَري وئي، جنهن کانپوءِ سندس والدين ٻين ماڻهن کي ان حوالي سان خبردار ڪري رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب 14 ورهين جي جارجيا گرين کي ڪمري ۾ پرفيوم اسپري ڪرڻ کانپوءِ دل جو دورو پيو هو.
ان معاملي تي برطانوي ايروسول مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته پرفيوم جي بوتلن تي واضح طور تنبيهه لکيل هوندي آهي.
قانون موجب ايروسول ڊيوڊرنٽ کي ”ٻارن جي پهچ کان پري رکو“ جي تنبيهه سان گڏ پرنٽ ڪيو ويندو آهي پر ڇوڪري جي والدين جو چوڻ آهي ته اها تنبيهه ننڍڙن اکرن ۾ لکيل هوندي آهي.
جارجيا گرين جي پيءَ پال گرين چيو ماڻهو نٿا ڄاڻين ته انهن بولتن اندر موجود مواد ڪيترو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، ڌيءَ کي دماغي بيماري هئي، جنهن سبب کيس پنهنجي هنڌ تي پرفيوم اسپري ڪرڻ سٺو لڳندو هو، کيس خوشبوءِ سان سڪون محسوس ٿيندو هو.