نصير آباد ۾ بدامني، چوريون روز جو معمول، شهرين ۽ واپارين جو ڌرڻو

نصيرآباد ( ن ع آ ) نصيرآباد  شهر ۾ چوريون، ڦرن جي آزار. گذريل رات انڊس هاءِ وي مٿان واپاري فضل محمد جوڻيجو جي دوڪان کي کاٽ هڻي سوين مڻ ساريون چوري ڪيون ويون، جڏهن ته ان ئي دڪانن جي اڳيان گشتي پوليس جي موبائل بيهندي آهي.اهڙي واردات خلاف شهري اتحاد جي اڳواڻن معشوق ڦلپوٽو، جاويد علي ڳنواس، نجي چنا ، عاشق علي ڪلھوڙو، دلدار ايري متاثر واپاري سان ملاقات ڪئي ۽ واپارين سان گڏجي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، شهري اتحاد جي صدر معشوق ڦلپوٽو، جاويد ڳنواس ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هر رات نصيرآباد ۾ ڪنهن نه ڪنهن هنڌ چوري ۽ ڦر جي واردات ٿئي ٿي، ڪٿي به ايس ايڇ او نصيرآباد پهچي نه ٿو سگهي، ذريعن وٽان معلوم ٿئي ٿو ته ايس ايڇ او حاضرين تي هوندو آهي ۽ چور شهر جي ” رکوالي” ڪندا آهن، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شهرين کان ٿيل چوريون واپس ڪرايون وڃن جنهن کان بعد نااهل ايس ايڇ او کي هٽايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.