ڪنب ۾ شاگردن ۽ استادن پاران امتحاني فيس وٺڻ خلاف احتجاج

ڪنب(ن ع آ)  تعليمي بورڊ سکر پاران  ڪلاس نائين, ڏھين ۽ يارھين ٻارھين ڪلاس جي شاگردن کان امتحاني فيس وصولي ڪرڻ خلاف  گسٽا  پاران  ڪنب ۾ احتجاجي مظاهرو ، امتحاني فيس وٺڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو رپورٽ موجب تعليمي بورڊ سکر پاران نائين ڏهين ۽ يارهين ٻارهين ڪلاس جي شاگردن کان امتحاني فيس وصولي خلاف گسٽا تتعلقه ڪوٽڏيجي پاران گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب تي ڪارا جھنڊا چاڙھي استادن شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران گسٽا تعلقي ڪوٽڏيجي جي صدر استاد علي نواز پلھ، استاد حمير حسين تمراڻي، استاد مريد حسين جسڪاڻي، مداح حسين چانڊيو، طارق عزيز ڳاھو، استاد محمد حسن چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي استاد اڳواڻن چيو ته بورڊ سکر پاران نائين ڪلاس جي شاگردن کان امتحاني فيس جي مد ۾ 12 سئو روپيا ۽ ڏھين ڪلاس جي 27 سئو روپيا وصول ڪيا پيا وڃن جيڪا غريب شاگرد نٿا ڀري سگھن، گسٽا اڳواڻن چيو ته سکر بورڊ جي اهڙي فيصلي کي تسليم نٿا ڪريون جيڪڏھن فيس وصول ڪئي وئي ته ڪيترائي غريب شاگرد امتحان ۾ ويھڻ کان محروم ٿي سگھن ٿا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.