ڪراچي سينٽرل جيل ڀرسان سلينڊر ڌماڪو، 4 ڄڻا سڙي زخمي

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي سينٽرل جيل ڀرسان سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 4 ماڻھو سڙي زخمي ٿي پيا.پوليس موجب جمشيد روڊ تي سينٽرل جيل جي سامھون مڪينڪ جي دڪان ۾ سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، نتيجي ۾ 4 دڪان، ھڪ رھائشي فليٽ ۽ 2 ڪارن کي باهه پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. جڏهن ته 30 سالن جو عمران پٽ موسيٰ، 29 سالن جو عثمان پٽ مظھر حسين، 45 سالن جو معين پٽ جعفر ۽ 28 سالن جو تيمور پٽ جمشو سڙي زخمي ٿي پيا، کين سول اسپتال برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو.هوڏانهن فائر برگيڊ جي 3 گاڏين ھڪ ڪلاڪ جي جدوجھد کان پوءِ باھ تي ڪنٽرول ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.