ڪورنگي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، ٻن ڀائرن کان پوءِ ٽيون ڀاءُ به مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ عوامي ڪالوني ٿاڻي جي حد ڪورنگي نمبر 6 پپن پارڪ لڳ گھر جي ڏاڪڻ تي چڙھندي ھٿياربندن45 ورھين جي  راشد عرف منا پٽ امام دين کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ابتدائي طور تي ٽارگيٽ ڪلنگ لڳي رھيو آهي، مقتول الياس ڳوٺ ۾ زمينن جو ڪم ڪندو ھو، جوابدار مقتول جو پيڇو ڪندي گھر جي ڏاڪڻ وٽ اچي فائرنگ ڪئي. پوليس موجب راشد کي 3 گوليون لڳيون، مٿي ۾ لڳل گولي موت جو سبب بڻي، مقتول جا 11 ڀائر آهن،  ان کان اڳ 2 ڀائر انيس الدين ۽ نعيم الدين  به ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار ٿي چڪا آهن. پوليس موجب مقتول جو تعلق مختلف سياسي پارٽين سان رھيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مقتول 2 سال اڳ پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪئي ھئي ان اڳ ايم ڪيو ايم حقيقي ۾ شامل ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.