ڏهرڪي لڳ فائرنگ، ڀرچونڊي پيرن جو هاري قتل

ڏھرڪي (رپورٽ: اجيت ڪمار)ڏھرڪي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀرچونڊي لڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾درگاھه ڀرچونڊي جي پير ميان عزيز احمد  جو ھاري مختيار پٽ شير محمد جکراڻي ٿڏي تي قتل ٿي ويو.پوليس لاش کڻائي سرڪاري اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ مقتول جي وارثن شير محمد جکراڻي، عبداللطيف ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته پراڻي دشمني تان علي محمد ۽ حنيف جکراڻي وارن حملو ڪري اسان جي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو. جڏھن ته پوليس جو چوڻ آھي ته ڪجهھ عرصو اڳ ڪنڌڪوٽ ۾ غلام محمد عرف وسو پٽ علي محمد جکراڻي قتل ٿيو ھو، جنھن جي قتل جو الزام شير محمد جکراڻي جي ڌر مٿان لڳو ھو. اھڙو الزام لڳڻ بعد شير محمد وارا ڪنڌڪوٽ کان لڏي درگاھ ڀرچونڊي آيا، جتي ھنن ميان عزيز احمد وٽ پناھ وٺڻ بعد سندس ھارپو شروع ڪيو. پوليس موجب مختيار جو قتل غلام محمد عرف وسو جي قتل جي پلاند ۾ ڪيو ويو آھي. پوليس واقعي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.