عمران دور ۾ پيءَ سامهون ڌيءَ کي گرفتار ڪيو ويو، سياسي انتقام هو : مريم اورنگزيب

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فواد چوڌري جي گرفتاري کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي  پئي وڃي، ائين ڪرڻو هجي ته تحريڪ انصاف جي سڄي قيادت جيل ۾ هجي ها. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته فواد چوڌري جي گرفتاري سياسي ناهي، عمران خان جي دور ۾ سياسي گرفتاريون ڪيون ويون، ان جي دور ۾ وزير گرفتارين کان اڳ ئي پريس ڪانفرنس ڪندا هئا. هن چيو ته فواد چوڌري خلاف اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري ايف آءِ آر داخل ڪرائي، 9 مهينن کان اسان حڪومت ۾ آهيون ۽ تحريڪ انصاف بيان بازي ڪري رهي آهي، عمران خان جي دور ۾ پيءَ سامهون ڌيءَ کي گرفتار ڪيو ويو، اهو سياسي انتقام هو، شهباز شريف کي گرفتار ڪيو ويو، سندس ڌيءَ جي گهر تي ڪاهه ڪئي وئي. سندس موجب عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪٿي لائن ڪڍيل آهي، پاڪ فوج خلاف مهم هلائي وئي، اهي آئيني ادارن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته اسان جي ليڊر خلاف فيصلو ٿيو ته جيئڻ حرام ڪري ڇڏينداسين، جيڪڏهن ڪنهن کي ادارن کي ڌمڪي ڏيڻ جي اجازت ڏني وئي ته سڄي عوام کي اهو حق هجڻ گهرجي. مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف جي دور ۾ صحافين کي کنيو ويندو هو، پيٽ ۾ گوليون هنيون وينديون هيون، اهي ميڊيا کي ڌمڪائيندا هئا، گاريون ڏيندا هئا، جيلن ۾ ورجهرائيندا هئا، اسان کي سياسي گرفتاريون ڪرڻيون هجن ها ته تحريڪ انصاف جي سڄي قيادت جيل ۾ هجي ها.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.