آصف علي زرداري خلاف پارڪ لين ريفرنس نيب کي واپس

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف پارڪ لين ريفرنس نيب کي واپس موڪليو ويو. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي  جج ناصر جاويد راڻا اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت ٻين جوابدارن خلاف پارڪ لين ريفرنس تي ترميمي ايڪٽ 2022 کانپوءِ عدالتي اختيارن جو دائرو ختم ٿيڻ سبب ٻڌڻي ختم ڪرڻ جي درخواست ٻڌي. درخواست گذار جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ موقف اختيار ڪيو ته ترميمي ايڪٽ کانپوءِ پارڪ لين ريفرنس احتساب عدالت جي اختيارن جي دائري ۾ نٿو اچي. هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو عدالتي شاهدي طور پيش ڪيو. نيب پراسيڪيوٽر بريت جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته نيشنل بئنڪ ۽ هڪ نجي بئنڪ جو جوائنٽ وينچر ٿيو هو، جنهن تحت 1.5 بلين جو قرض ورتو ويو، جيڪو پوءِ 2.8 بلين وڌايو ويو، عدالت ان ڪيس ۾ اختيارن جو دائرو مقرر ڪري. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي ريفرنس نيب کي واپس ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اختيارن جو دائرو ختم ٿيڻ تي هاڻ ريفرنس جي ٻڌڻي نٿا ڪري سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.