پي ٽي آءِ کي پوئتي ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ متحده باني جي ٻيهر واپسي جو امڪان

ڪراچي (ع آ نيوز) ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ ۾ ماضي ۾ منظم رهي  آهي ۽ هاڻي چون  ٿا ته ايم ڪيو ايم جو باني الطاف حسين ٻيهر قيادت ڪري پارٽي کي منظم ڪري ڇڏيندو. ڪراچي مان هاڻي ٻيهر سڀني پارٽين کي ڌڪ ڏيڻ لاءِ ڊگهي وقت کان حڪمت عملي طئي ڪئي وئي ۽ هاڻي لڳي ٿو ته ان جو ٽوڙ نڪرڻ وارو آهي. اهي به ڳالهيون هيون ته متحده باني جي ڌيءُ پارٽي سنڀالڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ مصطفيٰ ڪمال ۽ رابطا ڪاميٽي ميمبرن جون ملاقاتون ٿيون آهن جن گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو آهي. امڪاني طور تي اهو سڀني ٻيهر ڀائي جي قيادت ۾ هلڻ جو عزم ورجايو ويو آهي.ڏٺو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي هميشه اتحادي پارٽيون رهيون آهن ۽ ممڪن  آهي ته ٻئي پارٽيون ٻيهر هڪ ٻئي سان گڏجي هلن. ذريعن جي دعويٰ آهي ته الطاف حسين جي ڪيس جي حوالي سان اهم خبر اچڻي آهي جنهن کانپوءِ ميڊيا توڙي هر پاسي ٻيهر الطاف حسين هوندو ۽ تحريڪ انصاف ماضي بڻجي ويندي. ان کان اڳ عوامي آواز ڪجهه مهينا اڳ ايم ڪيو ايم جي ڌڙن ۾ اتحاد ۽ ڪيسن جي حوالي سان رپورٽ ڪندي رهي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.