اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس خلاف منع نامي واري استدعا رد

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ توهين اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي ويو آهي. اسد عمر جي وڪيل انور منصور خان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي عدالت ۾ جمع ڪرائي.وڪيل انور منصور خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد اليڪشن ڪميشن اسان جي خلاف ڪاروائي ڪئي، خدشو آهي ته اليڪشن ڪميشن فرد جرم جي ڪارروائي نه ڪري.چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اوهان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن عدالت نه آهي، ان ڪري هو توهين جا نوٽيس نه ٿي ڏئي سگهي.وڪيل چيو ته آئين جي آرٽيڪل 204 ۾ توهين واضح آهي. توهين عدالت جي نوٽيس جو اختيار سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ وٽ آهي.جسٽس سعيد يوسف پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جڪڏهن سرڪاري ادارو يا ڪو ماڻهو درست ڪم نه ڪري ته عدالت ڇا ڪري؟.وڪيل چيو ته ماتحت عدالتن کي اختيار ناهي، ريفر هاءِڪورٽ ڪري سگهي ٿي.وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ايڪٽ 2017ع جو سيڪشن 10غير آئيني آهي، اسان هن کي چئلينچ ڪيو آهي.عدالت ڪيس 16 فئبروري تائين ملتوي ڪندي زباني اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.