روهڙي پوليس جو گوڏي هيٺان گولي هڻڻ وارو رڪارڊ برقرار

سکر (رپورٽر) روهڙي ڀرسان جاڙي مائنر لنڪ روڊ وٽ پوليس هڪ نوجوان کي گوڏي هيٺان گولي هڻي مقابلي ۾ ڏوهاري کي زخمي  حالت ۾گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، جنهن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن موجب مبينا ڏوهاري کي ساڄي ڄنگهه ۾ گوڏي هيٺان گولي لڳل هئي.ٻئي طرف سکر جي ايس ايس پي سنگھار ملڪ دعويٰ ڪئي آهي ته روهڙي پوليس جاڙي مائنر لنڪ روڊ وٽ ايندڙ ويندڙ گاڏين جي چيڪنگ ڪري رهي هئي ته موٽر سائيڪل سوار ٽن ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 2 ڏوهاري فرار ٿي ويا، گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ سمير کوسو نالي سان ڪئي وئي.ايس ايس پي دعويٰ ڪئي ته گرفتار زخمي ڏوهاري خلاف سکر ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڦر، چوري، ڌاڙن ۽ پوليس مقابلي جا ڪيس داخل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.