ڪراچي ۾ ڪومبنگ آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر ) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو  جي صدارت هيٺ ڪراچي پوليس آفيس  ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ زونل ڊي آءِ جيز، ڊي آءِ جي سي آءِ اي، ضلعي جي ايس ايس پيز، ايس ايس پيز انويسٽيگيشن ۽ ٻين پوليس جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٽنهي زونن جي ڊي آءِ جيز ڪراچي پوليس چيف کي پنهنجن زونن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. اجلاس دوران ڏوهن جي صورتحال، فرار ۽ اشتهاري ڏوھارين خلاف پوليس ڪاررواين تي به غور ويچار ڪيو ويو ۽ پوليس جي حڪمت عملي ۽ ايڪشن پلان کي وڌيڪ مضبوط ۽ مربوط بڻائڻ جي هدايت ڪندي ايڊيشنل آءِ جي چيو ته منشيات سميت اسٽريٽ ڪرائيم خلاف پوليس. جوا جي اڏن ۽ ٻين سماجي براين ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي کي وڌيڪ سخت ۽ ڪامياب بڻايو وڃي.پوليس چيف انٽيليجنس معلومات گڏ ڪرڻ ۽ شيئرنگ جي عمل کي هر سطح تي بااثر بڻائڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو ته سمورن پوليس اسٽيشنن ۽ ضلعن کي حساس علائقن ۾ ڪومبنگ آپريشن جو عمل تيز ڪيو وڃي ته جيئن ڏوھارين کي ھر ممڪن طريقي سان گرفتاري عمل ۾ آڻي سگهجي. مارڪيٽن ۾ چوري ٿيل موبائيل وڪڻڻ ۽ خريد ڪرڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.