لاڙڪاڻي ۾ صحت کاتي جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي صحت کاتي جي ملازمن  مطالبن جي مڃتا لاءِ 17 هين ڏينهن به لاڙڪاڻي جي چئني سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊي جو ٻن ڪلاڪن تائين ٽوڪن هڙتال ۽ بائيڪاٽ ڪري سٽي او پي ڊي ٻاهريان ڌرڻو هنيو جنهن ۾ ينگ ڊاڪٽرس ايسوسئيشن، ينگ نرسز ايسوسئيشن ۽ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسئيشن جي اڳواڻن ۽ صحت کاتي جي ملازمن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن شاهي خان جاگيراڻي، غلام حسين جلباڻي، غلام حسين لانگاهه، روبينه شبنم، ثمينه ۽ ٻين چيو ته پيپلز پارٽي وارا سنڌ ۾ روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو هڻي گذريل 15 سالن کان اقتدار جي ڪرسي تي ويٺا آهن پر انهن کي صحت کاتي جي ملازمن جو ڪو به احساس ناهي، اسين ڪرونا توڙي ٻين وبائي ۽ ايمرجنسي صورتحال ۾ ڏينهن رات سرڪاري اسپتالن ۾ ڊيوٽيون ڪري فرنٽ لائين جي سپاهي طور ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون پر سنڌ حڪومت کي اسان ملازمن جو ڪو به احساس ناهي جيڪي مسلسل اڍائي مهينن کان اسان کي ڪوڙا دلاسا ڏئي مسئلن جي حل ۾ سنجيده ناهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي پ پ چيئرمين، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صحت کاتي جي صوبائي وزير نوٽيس وٺ ٻئي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو جنهن جي ذميواري سنڌ سرڪار ۽ صحت کاتي مٿان هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.