پاڪ ايران سرحد تي تفتان ڪوريڊور ٻن سالن کانپوءِ کوليو ويو

ڪوئيٽا (م ڊ)  پاڪ ايران سرحدي شهر تفتان ۾ ڪوريڊور گيٽ کوليو ويو. ليويز اختيارين موجب تفتان ڪوريڊور گيٽ 2021ع  کان ڪورونا سبب بند هو پر هاڻي پاڪ ايران سرحدي معاهدي موجب ٻن سالن کانپوءِ کوليو ويو آهي. ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته سرحدي علائقن جا رهواسي پنهنجي مائٽن سان ملڻ لاءِ ايران وڃي سگهن ٿا.

  • ايل اين جي ريفرنس، شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين جي بريت بابت فيصلو محفوظ

اسلام آباد  (م ڊ) احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا جي عدالت اڳوڻي وزيراعظم  شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين خلاف ايل اين جي ريفرنس ۾ بريت وارين درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ڪالهه ٻُڌڻيءَ دوران شاهد خاقان عباسي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻُڌڻيءَ دوران نيب پراسيڪيوٽر ملزمن جي بريت وارين درخواستن تي مخالفت ڪندي چيو ته ملزمن کي بري نه ڪيو وڃي، صرف دائره اختيار تي عدالت فيصلو ڪري، ان ڪيس ۾ ڏوهه بڻجي ٿو يا نه، ان جو فورم وري الڳ ٿيندو. ايل اين جي ڪيس ۾ غلط پريڪٽس ۽ غير شفافيت موجود هئي، ان ڪيس ۾ اينٽي مني لاندرنگ ايڪٽ جا قلم شامل آهن. ايل اين جي ۾ غير شفافيت جو سوموٽو سپريم ڪورٽ ورتو هو، مني لانڊرنگ جعلي اڪائونٽس ڪيسز پڻ اسان ڏسي رهيا آهيون. ٻُڌڻيءَ دوران شاهد خاقان عباسي روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته سياسي بنيادن تي هي ڪيس بڻايا ويا، اڄ ملڪ تباهيءَ جي دروازي تي بيٺل آهي، مان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني ته ٻُڌائي مون تي الزام ڪهڙا آهن، ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته شاهد خاقان عباسي هر پيشيءَ تي عدالت اچي ڪارروائي ڏسندو رهندو آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته جيترا گواهه آهن هڪ به اهو ٻُڌائي سگهي ته مون تي ڇا الزام آهي، 4 سالن ۾ مون کي ان ڪيس ۾ گهليو ويو آهي، مان 4 سال اڳ گاڏي وِڪرو ڪئي جيڪا مون ٻئي ماڻهوءَ جي نالي نه ڪرائي، ڌُرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت بريت وارين درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.