پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي فارن فنڊنگ جي ڇنڊڇاڻ بابت رپورٽ طلب

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي عدالت پاڪستان  مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي فارن فنڊنگ جي ڇنڊڇاڻ ۽ ڪيس جو جلد فيصلي ڪرڻ بابت فرخ حبيب جي درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کان مڪمل رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڪالهه ٻُڌڻيءَ دوران درخواستگذار طرفان وڪيل عمائمه انور خان، ڊي جي لا اليڪشن ڪميشن ۽ ٻيا پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا. درخواستگذار وڪيل چيو ته گذريل ٻُڌڻيءَ تي عدالت اليڪشن ڪميشن کان رڪارڊ طلب ڪيو هو، ڊي جي لا اليڪشن ڪميشن چيو ته اليڪشن جي معاملن ۾ مصروف هئس رڪارڊ جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهرجي. عدالت پُڇاڻو ڪيو ته ڇا اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون اوهان کان ٿي نه رهيون آهن پوءِ ڪهڙيون مصروفيتون آهن؟ جنهن تي ڊي جي لا چيو ته اسلام آباد جون مڪاني چونڊون پڻ ڪرائي رهيا آهيون پر اسلام آباد جي ٽن قومي اسيمبلي جا تڪ خالي ٿي ويا آهن، عدالت ڊي جي اليڪشن ڪميشن کي مڪمل رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻُڌڻي 7 فيبروريءَ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. 03

  • فواد چوڌري نفسياتي دٻاءُ جو شڪار آهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي گرفتاري عدالت ۾ پيش ڪيوو يو،  عدالت ان جي طبي معائني جو حڪم ڏنو.لاهور جي سروسز اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو طبي معائنو ڪيو. اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري طبي طور تي نارمل آهي ۽ سفر ڪري سگهي ٿو .ميڊيڪل بورڊ جي ذريعن موجب فواد چوڌري جو بلڊ شوگر 183 آهي جيڪو معمول کان وڌيڪ آهي ۽ ان جو بلڊ پريشر 160 آهي، ان جي جسم تي تشدد جو ظاهري طور تي نشان ناهي .اسپتال جي ذريعن ٻڌايو ته سروسز اسپتال جي نفسياتي ماهر به فواد چوڌري جو چيڪ اپ ڪيو ۽ انڪشاف ٿيو آهي ته فواد چوڌري نفسياتي دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ ذهني دٻاءُ جون دوائون استعمال ڪري رهيو آهي.

  • ترڪي لاءِ  سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن:ڄام اڪرام

ڪراچي (رپورٽر) صنعت ۽ گڏيل امداد واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته ترڪي جي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. ترڪي جي واپاري برادري جي وفد سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آگسٽ 2022ع ۾ هڪ معاهدو ٿيو هو،پاڪستان ۽ ترڪي جا مختلف شعبن ۾ سٺا واپاري لاڳاپا قائم آهن.تقريب کي ترڪي جي قونصل جنرل ڪيمل سنگو پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.