ڀارتي جمهوري ڏهاڙي تي ڀارت جي فالس فليگ آپريشن جو پول پڌرو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي انٽيليجنس ادارن ڀارت جي فالس فليگ آپريشن منصوبي جو پتو لڳائي ورتو. ڀارتي جمهوري ڏهاڙي جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ مبينا دراندازي جو منصوبو جوڙيو ويو آهي ۽ والاريل  ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس ذريعي ڪارروائي جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. پاڪستاني انٽيليجنس ادارن ڀارتي منصوبي جي ٽن اهم ڪردار جو پتو به لڳائي ورتو آهي، ڀارت جي 93 انفينٽري بريگيڊ جو ايجنٽ بشير ۽ ٻه ساٿي عالم ۽ اسلم فالس فليگ آپريشن جا مک ڪردار آهن. بشير جو مقامي ماڻهن ذريعي جشڪوال، آزاد ڪشمير پاسي کان آءِ اي ڊيز لڳائي والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ جو پلان آهي،  ڀارتي منصوبي تحت مسجد ڀرسان ان ڪارروائي کي ناڪام بڻائيندي ڏيکاريو ويندو. منصوبي تحت ڀارتي فوج ۽ پوليس جعلي برآمدگي به ظاهر ڪندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.