ڪڪڙ ويجهو اغوا ٿيل نينگر گوليون هڻي قتل، خانپور وٽ لاش رکي ڌرڻو

خيرپور ناٿن شاهه/ڪڪڙ (رپورٽ:آزاد بخاري+شفيع محمد جنجهه) ڪڪڙ ويجهو ڪي اين شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مراد ٻٻر مان 3 ڏينھن اڳ مبينا اغوا ٿيل17 ورھين جي نينگر ظفر عرف ڀورل ٻٻر کي قتل ڪري هٿياربندن گوليون لڳل لاش ٻنيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو. ڪي اين شاهه اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.هوڏانهن نينگر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارث عورتن، مردن ۽ ٻٻر برادري جي ماڻهن ڏنڊا کڻي خانپور جوڻيجو وٽ لاش رکي ڌرڻو هڻي انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٻن ڪلاڪن تائين لڳل ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي جي ٻنهي پاسي گاڏيون بيهي ويون ۽ مسافرن کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو. ان موقعي تي مقتول جي امڙ ارشاد خاتون، پيءُ خان محمد ٻٻر، مراد علي، گل محمد ۽ ٻين چيو ته نينگر ظفر کي ڪار سوار  اغوا ڪري ويا، ٽن ڏينھن بعد سندس گوليون لڳل ٻنيءَ مان ھٿ آيو.هنن چيو ته اسان ڪي اين شاهه ٿاڻي تي نينگر جي اغوا جو اطلاع ڏنو پر پوليس معاملي کي ڪوڙو ڊرامو قرار ڏئي رپورٽ داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٿاڻي جي هڪ پوليس اهلڪار حاجي کوسو چيو ته 10 هزار تيل جا ڏيو ته اسان موبائل گاڏين ۾ تيل وجهي ڳولا ڪيون، اسان اهلڪار کي 10 هزار گهران کڻي اچي ڏنا، ان باوجود به پوليس ڳولا نه ڪئي.هنن الزام هنيو ته نينگر کي جوابدار اصغر ٻٻر، غلام مصطفيٰ ٻٻر، علم الدين، علي حسن ۽ ذوالفقار ٻٻر ڪار ۾ کڻي اغوا ڪيو. نينگر جي ماءُ چيو ته اسين ٻئين ڏينهن سيشن ڪورٽ دادو وياسين، پٽ جي اغوا بابت سيشن جج کي درخواست ڏني، ڪورٽ مان تاريخ ملي. هن چيو ته جيترا ڏوهي قاتل آهن، ايترا ڏوهي خيرپورناٿن شاهه ٿاڻي جي پوليس آهي، جن اسان کي ڪوڙو سمجهي ڪا ڪاروائي نه ڪئي.مقتول جي والد خان محمد ٻٻر دانهيو ته غلام مصطفي ٻٻر وارن 10 مهينا اڳ منهنجي ڀائيٽي ياسين کي پڻ زمين جي تڪرار تان قتل ڪيو هو، جنهن ڪيس ۽ زمين تان هٿ کڻڻ تان هنن پٽ کي اغوا ڪري بيدردي سان قتل ڪري مون سان وڏو ظلم ڪيو.ڪي اين شاهه پوليس ڊي ايس پي يونس رودناڻي ۽ ايس ايڇ او عباس ٻٻر مظاھرين وٽ پھچي 24 ڪلاڪن اندر جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو.ٻئي طرف پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالجبار لانڊر ٻڌايو ته نينگر ظفر ٻٻر کي ٽي گوليون پري کان لڳل آهن، هڪ گولي مٿي، هڪ سيني ۾ هڪ پيٽ ۾ لڳل آهي، باقي نينگر  جي جسم تي تشدد جو ڪو به نشان ناهي. ٻئي پاسي ايس ايڇ او خيرپورناٿن شاهه عباس ٻٻر ٻڌايو ته نينگر ظفر ٻٻر جي قتل واقعي جي جاچ ڪريون پيا. هن چيو ته مقتول جي امڙ ٿاڻي تي آئي هئي، جنهن پٽ جي گمشدگي بابت رپورٽ لکرائي، اسان نينگر جي ڳولا ڪئي، انهن ڳوٺن ۾ اڃا به پاڻي بيٺل آهي اسان ٿرڙي پاسي وڃي ڳولا ڪئي، نينگر جي ماءُ ڪنهن جا نالا نه ڏنا هئا، باقي پئسن جا الزام بي بنياد آهن، اسان ڪنهن کان به رپيو ناهي ورتو. هن چيو ته مقتول جا وارث جيئن ايندا. ڪيس داخل ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.