شڪارپور ڀرسان رڪشا ڊرائيور قتل،لاش رکي ڌرڻو

شڪارپور (ڊر ) شڪارپور ڀرسان هٿياربند رڪشا ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد لاش سڌايا ڦاٽڪ وٽ اڇلائي فرار ٿي ويا.پوليس نوجوان جو لاش کڻائي سول اسپتال آندو، جتي سندس سڃاڻپ منڊو ڦاٽڪ واسي علي جان بروهي طور ٿي.هوڏانهن مقتول نوجوان جي وارثن لاش  روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ڪجهه وقت لاءِ ٽرئفڪ معطل رهي.ان موقعي تي مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته برادري جي ماڻهن سان تڪرار هلندڙ آهي، شڪ آهي ته نوجوان کي مخالف ڌر جي ماڻهن قتل ڪيو.هنن  گهر ڪئي ته قاتل گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.