عمران خان جي رهائش گاهه تي مقرر سيڪيورٽي ۾ تبديلي جو فيصلو

لاهور  ( م ڊ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي رهائش گاهه تي مقرر سيڪيورٽي جو نئين سر جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پوليس  موجب اڳوڻي وزيراعظم جي رهائش گاهه تي پنج سئو کان وڌيڪ اهلڪار مقرر آهن، پر عمران خان کي ڪيتري سيڪيورٽي ملڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ صوبائي انٽيليجنس ڪميٽي ۾ معاملو رکيو ويندو ۽ ڪيميٽين جا نمائندا عمران خان کي خطرن جي نشاندهي ڪندا.  ضلعي ۽ صوبائي انٽيليجنس ڪميٽين طرفان نشاندهي ڪيل خطري پٽاندڙ ئي عمران خان کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. پوليس جو چوڻ آهي ته فوري طور زمان پارڪ جي سموري سيڪيورٽي واپس نٿي وٺي سگهجي، زمان پارڪ کي پيش خطرن جوجائزو وٺي سيڪيورٽي ۾ ڦيرڦار ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.