اڏيرو لعل وليج لڳ چلهه مان اٿيل چڻنگ چئن گهرن کي ساڙي ڇڏيو

اڏيرولعل وليج (ن ع آ) اڏيرولعل لڳ آخوند کوھ فارم جي ڳوٺ ٻاجھي بڙدي ۾ چلھه جي چڻنگ مان باھ لڳڻ سبب گمشاد علي بڙدي، امام  علي بڙدي، نبي بخش بڙدي، عظيم بڙدي جن جي ڪکاون گهرن کي باھ وڪوڙي وئي، باهه لڳڻ سبب گھرن ۾ پيل سامان الھه تلھه سڙي  رک ٿي ويو، متاثرن جو چوڻ آھي  ته باھ لڳڻ سبب گھرن مان صرف ٻارن ۽ عورتن کي بچائي نڪتاسين ، انتظاميا کي اطلاع  ڏنو پر نه انتظاميا نه پهتي،متاثرن جو چوڻ آھي ته آخوند فارم تان رئيس آخوند جاويد اختر صديقي، رئيس آخوند عبداللطيف صديقي، سانوڻ بڙدي ۽ ھارين سميت باھ واري جڳھ تي پھتا جن پنھنجي محنت سان باھ کي ڪنٽرول ڪري ٻين گهرن کي باھ جي نقصان ٿيئڻ کا بچايون متاثرن جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ آخوند جاويد اختر صديقي، آخوند عبداللطيف صديقي صاحب جن اسان جي مالي مدد ڪئي آھي اسان کي کاڌو پيتو  به ڏنو پر باھ واري واقعي جو ڊپٽي ڪمشنر مٽياري، اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري، ديهھ جي تپيدار کي اطلاع ڏنو آهي پر ھن مھل تائين انتظاميه جي طرفان ڪنھن  به قسم جي سار نه لڌي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.