گهوڙاٻاري: ور شهر ۾ نوجوان جو قتل ڳجهارت بڻجي ويو

گھوڙاٻاري (رپورٽ: سيد امير شاهه ڀاڏائي)ور شھر ڀر سان 2 ڏينهن اڳ مُبينا قتل ٿي ويل وڻ ۾ ٽنگيل لاش مقتول حبيب الله سمون جو معاملو  ڳجھارت بڻيل وقعي جي ايف آءِ آر اڃان تائين داخل ٿي ناهي سگهي وارثن جي اسرار تي گھوڙاٻاري پوليس اڳڀرائي ڪندي شڪي بنياد تي  پنج ڄڻن راحب چانڊيو، ممتاز لاشاري، نواز لاشاري، عبداللطيف ڪاتيار، شفيع محمد ڪاتيار کي گرفتار ڪري گھوڙاٻاري پوليس ٿاڻي ۾ لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي گرفتار ٿيلن مان هڪ ڄڻي شفيع محمد ڪاتيار بابت مقتول جي پيءُ محمد جمن سمون انڪشاف زاھر ڪندي چيو آهي ته 6 مھينا اڳ منھنجي پٽ حبيب الله کي يرغمال بڻائيو ھو جنھن کي راڄوڻي تحت بازياب ڪرايو ھو ان ڪري خدشو آهي ته پٽ کي شفيع محمد ڪاتيار پلان ڪري ماريو آھي، ھوڏانھن مقتول حبيب الله سمون جي ماءُ کي پڻ پنھنجي پٽ جي جدائي ۾ بيهوشي جا دورا آيا آهن ۽ گھر ۾ روڄ راڙو متل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.