سيوهڻ ۾ ايس يو پي ۽ شهرين پاران پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

سيوھڻ(ن ع آ) سنڌ يونائٽيڊ پارٽي تعلقي سيوھڻ پاران صدر محمد نواز رند جي اڳوڻي ۾ شھرين ۽ ڪارڪنن جو سيوھڻ شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ صاف پاڻي سپلاءِ  نه ٿيڻ خلاف ڌمال چوڪ تي علامتي بک ھڙتال ڪري پاڻي جي کوٽ خلاف زورادر نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻن محمد نواز رند، عبدالحڪيم بڙدي، محمد خان سولنگي، مريد خان بروھي، فريد ٻگھيو، مرتضيٰ، محرم ڪنڀر، يوسف کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سيوھڻ ميونسپل انتظاميه جي نااھلي سبب شھر واسين کي ٻين بنيادي سھولتن کان ته پري رکيو ويو آهي پر جيئڻ لاءِ پيئڻ جي پاڻي جي ھڪ ڦڙي لاءِ به تڙپائي رھيا آھن ۽ جيڪو پاڻي ڏنو وڃي ٿو اھو گٽر مليل ۽ منڇر جو زھريلو پاڻي مھيا ڪيو پيو وڃي، ھن ميونسپل جي ڪروڙين روپيا بجيٽ ھئڻ باوجود جي رھواسين کي گدلو ۽ غليظ بدبودار پاڻي سپلاءِ ڪيو پيو وڃي جيڪو پيئڻ جي استعمال  نه ڇا پر گھر جي ٿانو به ڌوئڻ جي قابل به ناھي جنهن جي نتيجي ۾ شھرواسي پيٽ جي بيمارين ۾ وڪوڙجي رھيا آهن، اڳواڻن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته ميونسپل انتظاميه خلاف قانوني ڪارروائي ڪري شھرين کي صاف پاڻي مھيا ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ٽن ڏينهن تائين بک ھڙتال جاري رکي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.