ڌاٻيجي ۾ رهواسين جو 3 ڄڻن جي کنڀجڻ خلاف احتجاج

ڌاٻيجي (ن ع آ) ڌاٻيجي ۾ جتوئي برادري جي رهواسين جو 3 ڳوٺاڻن جي کنڀجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، ان موقعي تي مريم جتوئي ، وقار جتوئي، ڪريم بخش جتوئي ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته گذريل رات دير سان هڪ پوليس موبائل سوار اهلڪارن گهر تي چڙھائي ڪري چاڌر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهر اندر پيل سون روڪ رقم ۽ ٽن ڄڻن عبدالڪريم جتوئي سندس ٻن پٽن بلال جتوئي هادي بخش جتوئي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي، ھنن ايس ايس پي ٺٽو ڊي آءِ جي حيدر آباد ۽ ٻين وس واران کان اپيل ڪندي چيو ته فوري طور تي نوٽس وٺي ڪري کنڀي گم ڪيل جتوئي برادري جي ماڻھن کي ظاهر ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.