نصيرآباد ( ن ع آ ) نصيرآباد/باڊھ روڊ دودل ڪالوني جي رهواسي پورھيت حاجي ڪوري جي گھر مان چوري جِي وڏي واردات. حاجي ڪوري، روشنا خاتون ۽ افروز خاتون قرآن پاڪ کڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين باڊھ مائٽن ڏي ويل هئاسين اتان واپس آياسين ته 70 هزار روڪ رقم، 2 سونيون منڊيون، 2 پليٽون ۽ نياڻي جِي شادي جو پيل ڏاج کڻي ويا آهن، ٻئي پاسي دودل ڪالوني ۾ سلطان تنيو ۽ ليڊي هيلٿ ورڪر صغران شيخ جي گهر ۾ نامعلوم چور گهڙي پيا محلي واسي جي سجاڳ ٿيڻ تي چور فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا.ياد رهي ته هلندڙ مهيني نصيرآباد شهر ۾ هي چوري جِي 15 هين واردات آهي، شهرين جي احتجاجن باوجود بدامني کي ٻنجو نه اچي سگهيو آهي، پوليس جوا، منشيات ۽ جسم فروشي جي اڏن تان ڀتو اوڳاڙڻ ۾ رڌل هئڻ ڪري، هر آئي ڏينهن توڙي رات جو وارداتون معمول بڻجي ويون.