جهڏو ۾ اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ٿيڻ لڳو، غريب طبقو پريشان، انتظاميا خاموش

جهڏو (ن ع آ) جھڏو ۾ اٽي جي اگهن ۾ گهٽتائي نه ٿي سگهي آهي، شهر جي اٽي جي چڪين ۽ دڪانن تي اٽو بدستور 150 کان 160 رپيا ڪلو تائين وڪرو ڪيو پيو  وڃي، هڪ هفتو اڳ ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ ضلعي اندر فلور مل جو اٽو 98 رپيا ڪلو ۽ چڪي جو اٽو 105 رپيا ڪلو وڪرو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار کي سرڪاري اگهه تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پابند ڪيو ويو هو پر هڪ هفتو گذري وڃڻ باوجود جهڏو شهر ۾ ڪٿي به عمل نه ٿي سگهيو، اٽو مهانگو ملڻ سبب جهڏو جو عوام مهانگي اگهه تي اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهي، جڏهن ته مقامي انتظاميا اي سي توڙي مختيار ڪار ان معاملي تي مڪمل طور خاموش تماشائي بڻيل آهن، جهڏو جي شهرين پاران ڪمشنر ۽ ڊي سي ميرپورخاص کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته جهڏو ۾ مهانگي اگهه تي اٽو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سستي اگهه تي اٽو فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.