ڏوڪري پوليس ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ سامان هٿ ڪري ورتو

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري فارم روڊ وٽان ڪجهه ڏينهن پهرين نامعلوم چور سدير رانجھاني کان موٽر سائيڪل موبائيل فون فورو فر ڪري  فرار ٿي ويا هيا ڏوڪري پوليس گشت دوران ايگريڪلچر فارم روڊ ايس ايڇ او دلي جان مگسي ۽ اهلڪارن سميت گوور خان عباسي مور قربان ۽ ٻيا سپاھ سميت گشت دوران ايگريڪلچر فارم روڊ وٽان 3  نامعلوم ڏوهاري ڦر ڪرڻ جي نيت سان بيٺل هيا، ته پوليس گشت دوران انھن جو گهيرو ڪيو ويو، جنھن ۾ ڦورو اونڌائي جو فائدو وٺي موٽر سائيڪل ۽ 2 موبائيل فون ڇڏي فرار ٿي ويا، ان ڏس ۾ ايس ايڇ او دلي جان مگسي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڊي ايس پي شڪيل احمد پٺاڻ جي هدايتن تي ڏوڪري پوليس ڏينهن رات گشت ڪري رهي آهي، امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏوڪري پوليس جي جوانن کي پابند ڪيو ويو آهي ڪنهن به ڏوهاري کي نه بخشيو ويندو ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.