لاڙڪاڻي پوليس همراهه کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن ۾ ڏوهارين وارداتن ۾ ملوث ۽ سرگرم ڏوهاري کي گرفتار  ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ نئون ديرو پوليس ڏوهارين سان مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ان وٽان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان ٻڌايو ته گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ احسان ولد سانول خان جمالي طور ٿي آهي جيڪو لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن ۾ ڏوهاري وارداتن ۾ ملوث ۽ سرگرم ڏوهاري آهي جنهن مٿان تعلقه، نئون ديرو، ماهوٽا ۽ نئون ديرو ٿاڻن تي 5 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن ۽ ان کان جاچ سميت ڏوهاري جو مڪمل ڏوهاري رڪارڊ جي جاچ جاري آهي. هوڏانهن مبينا مقابلي ۾ زخمي ڏوهاري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.