لاڙڪاڻي ۾ ڌوٻي جي دڪان کي باهه، فائر برگيد دير سان پهتي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ايئرپورٽ روڊ مينهل آباد ڪالوني ۾ استري جي دوڪان کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ باهه لڳي وئي،  پاڙيوارن جي اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو دير سان پهتو جنهن ڪري دوڪان ۾ ڪپڙن جا جوڙا، روڪ رقم سميت 8 لک روپين جي ماليت جو سامان سڙي رک ٿي ويو، باهه سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو ۽ رهواسي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا جنهن ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. هوڏانهن ڊراءِ ڪلينر ۽ استري دوڪان جي مالڪ نوجوان پنهنجي دوستن سان گڏجي باهه جي نتيجي ۾ ٿيل نقصان جي ازالي ۽ مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نوجوان فراز علي ميمڻ پنهنجي دوستن سجاد هليو ۽ صفيان جتوئي سان گڏجي صحافين آڏو دانهيو ته ڪجهه سال اڳ مون پورهيو ڪري پئسا گڏ ڪرڻ بعد مينهل آباد پاڙي ۾ ڊراءِ ڪلينر ۽ استري جي دوڪان کولي جنهن جي ذريعي آءُ پنهنجي گهر ڀاتين جي ڪفالت ڪندو هيس. هن چيو ته گذريل رات آءُ پنهنجو دوڪان بند ڪري گهر ويس ته رات جي پونئين پهر ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب منهنجي دوڪان کي باهه لڳي وئي جنهن واقعي جو اطلاع پاڙيوارن فون ذريعي ڏنو ان تي مون پهچي فائربرگيڊ عملي کي فون تي اطلاع ڏنو پر عملو دير سان پهتو جنهن جي نتيجي ۾ دوڪان ۾ پيل 400 ڪپڙن جا جوڙا، 23 هزار روپيه روڪ رقم، 2 ڪوٽ ۽ جيڪٽون، 4 استريون، 2 ايل سي ڊي ٽي وي، هڪ ليپ ٽاپ، اسپيڪر، 4 ٽيبلون، 15 ڪمبل، 2 پکا، هڪ بئٽري ۽ هڪ صوفا سيٽ مڪمل طور سڙي رک ٿي ويا. هن ٻڌايو ته باهه جي واقعي ۾ منهنجو تقريبن 8 لک روپين جو نقصان ٿيو آهي ڊي سي ۽ سرندي واران مالي سهائتا ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.