گهوٽڪي جي اسڪول مان وڻ وڍڻ وارو مامرو، ڊي اي او نوٽيس ورتو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ ڳوٺ قاضي بادل هاءِ اسڪول اندر وڻ وڍڻ ۽ ايس ايم سي فنڊن ۾ خرد برد ڪرڻ واري معملي جو نئي مقرر ٿيل ڊي  اي او سيد مظفر شاھ نوٽيس وٺي ڇڏيو ، ان حوالي سان ڊي اي او موقف ڏيندي چيو ته مان قاضي بادل هاءِ اسڪول واري مامري جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ اينٽي ڪرپشن کي پڻ لکندس اگر ان ۾ جيڪو به ملوث نڪتو ان خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، ياد رهي ته ڪجھه عرصو پهرين قاضي بادل هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر غلام مصطفيٰ مهر پاران اسڪول اندر موجود لکين رپين جا قيمتي وڻ ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪرڻ سان گڏ اسڪول جي ايس ايم سي فنڊن ۾ پڻ خرد برد ڪئي هئي، جنهن ڪري اسڪول جو ماحول پڻ خراب بڻجي ويو هو ، جڏهن ته اهڙيون خبرون ميڊيا تي پڻ نشر ٿيو هيون پر ڪرپٽ هيڊ ماستر غلام مصطفيٰ مهر خلاف ڪنهن به ڪاموري نوٽيس نه ورتو هو، هاڻ ڪجهھ ڏينهن پهرين مقرر ٿيل ڊي اي او گهوٽڪي سيد مظفر شاھ پڻ نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.