شهدادپور ۽ ڀرپاسي ايف بي آر جو ڇاپو، کنڊ جون سوين ٻوريون هٿ

شھدادپور (ن ع آ) شگر ملن مالڪن طرفان ٽئڪس چوري جو نيٽ ورڪ پڪڙڻ جي حوالي سان ايف بي آر جي ذيلي اداري انلينڊ روينيو  سروس انفورسمينٽ ٽيم پاران شھدادپور ۽ ٽنڊوآدم ۾ ڪاروائيون ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ ايف بي آر جي ذيلي اداري انلينڊ روينيو سروس انفورسمينٽ ٽيم شگر ملن مان نڪرندڙ کنڊ جي ٻورين تي لڳل ٽيئڪس اسٽيڪرجي جاچ پڙتال ڪرڻ لاءِ سانگھڙ جي ٻن وڏن وڏي شھرن شهدادپور ۽ ٽنڊوآدم ۾ ڪاروائيون ڪيون ويون. ان دوران کنڊ جو ڪيترن ئي ٻوريون بغير ٽئڪس جون برآمد ٿيون جڏهن ته في ٻوري تي ساڍا 6 سئو روپيه ٽئڪس آهي ان موقعي تي ڇاپا مار ٽيم واپارين کي آگاھ ڪيو ته بغير اسٽيڪر وارين ٻورين جي ڄاڻ هجي ته ايف بي آر جي هيلپ لائن تي اطلاع ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته شگر ملن طرفان ٽئڪس چوري ٿيندي آهي. اسان جو مقصد شگر ملن طرفان ٿيندڙ ٽئڪس چوري روڪڻ آهي تہ جئين ايف بي آر کي  ٽئڪس جي مد ۾ ٿيندڙ نقصان کي گهٽ ڪري سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.