خيرپور ويجهو مال جي واڙي کي باهه، 16 ٻڪريون سڙي ويون

خيرپور(ڊ ر) خيرپور ويجهو وانڍ پاڙي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ ٿيڻ سبب مال جي واڙي کي اوچتو باھ لڳي وئي، باھ لڳڻ سبب 16 ٻڪريون  سڙي رک ٿي ويون آهن، بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پورهيت نثار ابڙو جي مال جي واڙي کي اوچتو باھ لڳي وئي، باهه سبب واڙي ۾ بيٺل 16 ٻڪريون سڙي رک ٿي ويون آهن، پورهيت نثار ابڙو ڊي سي خيرپور سميت وس وارن کان اپيل ڪئي ته فوري طور تي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري مدد ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.